علم الميزان (قلمي نسخو)

علم الميزان (قلمي نسخو)

علم الميزان قلمي نسخو

علم الميزان (قلمي نسخو): عربي ٻوليءَ ۾ لکيل هي قلمي نسخو منطق بابت آهي، جنهن جو مصنف قطب الدين محمود بن محمد آهي. ڪتاب جي ڪاتب ۽ ڪتابت جي تاريخ نامعلوم آهي. دراصل هي ڪتاب نجم الدين عمر القزويني جي لکيل ڪتاب ‘شمسيه’ جي شرح آهي. هي قلمي نسخو نسخ واري خط ۾ تحرير ٿيل آهي.
ڪتاب جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمن الرحيم ان ابهي...الخ“
۽ پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي:
”...........نتائج الضربين الاولين الضرب الا من موجتين والثاني بن موجتين“
210 صفحن جي هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 13 سٽون آهن. هن ڪتاب جا ڪجهه صفحا ناقص ٿي چڪا آهن، هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو